ميهڙ ۾ شهرين جو منشيات جي سرعام وڪري ۽ بدامني خلاف احتجاج

مختلف علائقن جي رهواسين صابر ٻگھيو، اصغر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريد آباد روڊ تي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ منشيات جو سرعام وڪري ٿي رهي آهي، جنهن سان نوجوانن جون زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن.

سندن چوڻ هو ته شهر ۾ بدامني به چوٽ چڙهي وئي آهي، پر پوليس ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي کان لنوائي پئي.

شھرين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.