مٽياري: ڪشمير ۾ شهيد ٿي ويل پاڪ فوج جي جوان جو مڙهه جنازي نماز کانپوءِ مٽي ماءُ حوالي

ڪشمير بارڊر تي ڊيوٽي دوران شهيد ٿي ويل پاڪ فوج جي اهلڪار منٺار ملاح جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ سائينڏنو پليجو پهچڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو.

شهيد جوان جي جنازي نماز درگاهه حاجي شاهه تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کانپوءِ شهيد جوان منٺار ملاح کي فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.