ڪراچي وارن لاءِ وڏي خوشخبري، پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ گاڏيون اچي ويون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ نئين بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي طرفان ڪراچي ۾ نئين بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته دنيا جون جديد ترين اليڪٽرڪ بسون هاڻ ڪراچي جي روڊن تي نظر اينديون، هي پاڪستان جون پهريون اليڪٽرڪ گاڏيون آهن، جيڪي مڪمل طور ماحول دوست آهن.

سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان اسان شهر ۾ ٽيسٽ ڊرائيو شروع ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.