ملير ٽينٽ سٽي ۾ سهولتون اڻلڀ، ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

تازين برساتن ۽ ٻوڏ سببب بي گهر ٿيل ماڻهن جي لاءِ  ملير ۾قائم عارضي رهائش واري ٽينٽ سٽي ۾ سهولتن نه هئڻ جي ڪري نت نوان مسئلا جنم وٺي رهيا آهن،موجود سرڪار رسمي طور تي جوڙيل ٽينٽ سٽي ۾ اتي مجبوري ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪي به سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.سرڪار جي نالي ماتر سرپرستي واري ان ٽينٽ سٽي ۾هڪ ٻوڏ متاثر ميهڙ واسي غلام نبي سومرو علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.جڏهن ته ذڪر ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ٻن هفتن کان علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.تازو فوت ٿيل غلام نبي جي وارثن پاران لاش ميهڙ کڻي وڃڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ايمبولنس ۽ بروقت علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف عارضي ٽينٽ سٽي آڏو ملير لنڪ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ڏنو. جنهن سبب قومي شاهراهه ۽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ بند ٿي ويو.فوتي جي وارثن موجب ٽينٽ سٽي ۾ سڄي سنڌ کان آيل ٻوڏ متاثرن کي ڪا به سهولت حاصل نه آهي.

ڊي ايڇ او ملير پاران نالي ماترڪم ڪندڙ ميڊيڪل سينٽر بابت متاثرن جو چوڻ هو ته اهو فقط فوٽو سيشن مرڪز آهي جتي ڪڏهن ڪڏهن سرڪار عملدار فوٽو سيشن جي لاءِ ايندا آهن،باقي اتي ٽينٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪا به ميڊيڪل جي سهولت ناهي.فوتي جي وارثن ۽ ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته کين رواجي داو درمل به نٿي ملي ڪافي ڏينهن کان هتي ڪا به علاج جي سهولت نه آهي،جنهنڪري هنن جا ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ۽ ان کانسواءِ به ٻه ماڻهون پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن.

تازين برساتن ۽ ان بعد آيل ٻوڏ سبب تاحال سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي،آيل قدرتي آفت سبب لکين ماڻھون پنھجي اجھي کان محروم ٿي ويا،بي گھر ٿيڻ بعد روڊن رستن تي ويٺا تھ وري ڪٿي ڪٿي اھي سرڪاري يا سول سوسائٽي جي قائم ڪيل ڪئمپن ۾پناھ حاصل ڪئي.مختلف علائقن ۾ ماڻھن پنھنجي مدد پاڻ تحت متاثر جي مدد ڪئي.بيمارن جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪئمپس جو انتظام به ڪيو هو.

هن وقت به جيتوڻيڪ بي گهر ٿيل ماڻهون دربدر آهن پر هاڻي ڪجهه وقت گذرڻ بعد سرڪار جي اوليت به بدلجي وئي آهي ته وري ميڊيا کي به متاثر ماڻهن جا ڏک سور وسري ويا آهن،ساڳي ريت پنهنجو سڀ ڪجهه لڙهي وڃڻ بعد بي گهر ٿي دربدري جي حياتي گهاريندڙ ماڻهن پڻ سرڪار مان آسرو لاهي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ جو هيڏي وڏي ٿيل اٿل پٿل باوجود سرڪار متاثر ٿيل لکين ماڻهن جي لاءِ ڪٿي به ڪو مثالي قدم نه کينو هو،جنهنڪري هاڻي اهي ماڻهون ساڳي ريت پنهنجي ڀاڳن تي روئي رهيا آهن.هن وقت به سنڌ جا ڪجھھ اھڙا علائقا بھ آھن جتي ماڻھن جي مناسب خوراڪ نھ ملڻ ۽ بيمارين سبب فوت ٿيڻ جا اطلاع آھن.

سرڪار متاثر ماڻھن جي ڪا بھ ذميواري کڻڻ  لاءِ توڻي سنڀالڻ جي لاءِ ڪي بھ اھڙا انتظام ڪرڻ کان لاچار رھي آھي جو صورتحال ڪنٽرول ۾ ھئڻ جو ڪو تاثر ملي سگھي.سنڌ ۾ ھڪ چونڊيل حڪومت آھي ۽ان وٽ پنھنجا ادارا پڻ آھن جيڪي ھر ضلعي ۾ مڪمل نيٽ ورڪ رکن ٿا،جيڪڏھن سرڪار ماتحت عملي جي مدد سان مڪاني ادارن سان گڏجي متاثرن جي جوڳي واهرڪري ها ته ڪر اهڙيون دانهون نه ٿين ها.

اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته ڪا اھڙي ڳالھھ بھ ناھي جيڪا سرڪار جي وس کان ٻاھر ھجي پر اھڙو ڪجھه ٿيندي نظر نه آيو .ٻئي پاسي هن وقت تائين به متاثر ماڻھن جي ڏکن ڏاکڙن جو تدارڪ نه ٿيو آهي.

سنڌ حڪومت هاڻوڪي هيڏي ساري قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪو وڏو تحرڪ ته نه ورتوهو پر جتي جتي ڪي نالي ماتر ٽينٽ سٽي جوڙيا ويا هئا،اتي جي رهايل ماڻهن جي پڻ مناسب سار سنڀال نه لهڻ ڪري اهي گهڻو مايوسي جو شڪار ٿي ويا، جنهن جو هڪڙو وڏو مثال ملير واري ٽينٽ سٽي آهي،جيڪڏهن ان وقت سرڪار وٽ وسيلا محدود هئا ۽ وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ممڪن نه رهيو هو پر جڏهن حڪومت ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ سرڪار سطح تي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي هئي ان جي ذميوار ي ته کيس بهرحال پاڻ کڻڻ گهرجي ها پر هتي جي هاڻوڪي حالت مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته بي گهر ٿيل يا وري برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي سار لهڻ سرڪار جي ترجيح ۾ شامل ئي ناهي.

جڏهن اڃان اهو معاملو تازو هو ته ميڊيا توڻي سياسي ڌرين پڻ متاثرن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ سرڪار تي پريشر وجهڻ جي لاءِ هڪ ڪوشش ڪئي هئي پر وقت گذرڻ سان گڏ متاثرن جي ڏکن،سورن کان لاتعلق ٿي ويا آهن،جنهن ڪري حڪومت به متاثرن جي مدد واري ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي.هئڻ ته ائين گهرجي جو وقت جي حڪومت کي پنهنجي ذميواري قبول ڪندي برسات متاثرن جي مدد جاري رکندي انهن جي بحالي جي لاءِ به مناسب انتظام ڪرڻ گهرجي ها پر هتي ٿيو ان جي ابتڙ آهي.عام ماڻهون وٽ ڪنهن به ٿيندڙ نقصان جي صورت ۾ ان تي احتجاج کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي ناهي،هن حال هيڻن متاثرن جي سار لهڻ سان ئي انهن جو سُور گهٽ ڪري سگهجي ها پر سرڪار توڻي ڪامورا انهن کي وساري ڇڏيو، جنهن ڪري هو روز جيئن ۽ مرن پيا پر ڪو به هنن  ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

ڇا وقت جي حڪومت ملير جي ٽينٽ سٽي ۾ علاج جي سهولت نه هئڻ جي ڪري فوت ٿيل ٽن ٻارڙن ۽ ٻن ماڻهن جي جاچ ڪرائيندي،جيئن اهو پتو پئجي سگهي ته سرڪار جي آسري تي اچي هن ٽينٽ سٽي ۾ ويهندڙ متاثرن کي سهولت نه ملڻ جي لاءِ ڪير ذميوار هو يا اهڙي ڪوتاهي جي لاءِ ڪهڙا ڪامورا ذميوار هئا ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.