عمران خان جي تنقيد جو نشانو بڻجندڙ آءِ ايس آءِ آفيسر ميجر جنرل فيصل نصير ڪير آهي؟

فرحت جاويد

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان گذريل ڪجهه هفتن کان پنهنجي تقريرن ۾ لفظ ”ڊرٽي هيري“ جو لفظ استعمال ڪندي هڪ شخص تي تنقيد ڪندي ٻڌو پيو وڃي. مثال طور، تازو هڪ تقريب دوران هن چيو ته ”اسلام آباد ۾ هڪ ڊرٽي هيري آيل آهي، جنهن کي ماڻهن کي اگهاڙي  ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي“

هن جي اهڙي بيان کانپوءِ اسلام آباد جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ سُس پُس ٿيڻ لڳي ته آخر هن جو اشارو ڪنهن طرف آهي. هن جي انهن بيانن سامهون اچڻ کان ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي ڪجهه حامي صارفين اهڙيون ٽوئيٽس ڪيون جن ۾هن جي ٽرانسفر پوسٽنگ جو حوالو ڏنو ،جيڪي تازو ئي پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ ۾ ٿي هئي.بعد ۾ عمران خان خود به اهڙو ئي حوالو ڏنو پر نالي کڻڻ کان پاسو ڪندو رهيو.  پر گذريل هڪ هفتي ۾ سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ لفظي جنگ ۾هاڻي نالو کڻي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.

عمران خان ”ڊرٽي هيري“ جو لقب استعمال ڪندي آءِ ايس آءِ آفيسر جي هڪ حاضر سروس آفيسر ميجر جنرل فيصل نصير طرف اشارو ڪري رهيو آهي.هن کان اڳ سندس ئي  پارٽي جي سينيٽر اعظم سواتي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ”آءِ ايس آءِ جي ٻن آفيسرن برگيڊيئر فهيم ۽ ميجر جنرل فيصل نصير“ جو نالو ورتو هو ۽ الزام هنيو هو ته مٿس تحويل دوران تشدد ۾ ملوث هئا.

عمران خان پاڻ تي ٿيل مبينه قاتلاڻي حملي جي رٿابندي جو الزام پڻ جن ٽن شخصيتن تي مڙهي رهيو آهي انهن مان هڪ ميجر جنرل فيصل نصير آهي ٻين ٻن ڄڻن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله شامل آهن.عمران خان جمعي جي شام شوڪت خانم اسپتال مان ڪيل  پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کان مطالبو ڪيو ته “ميجر جنرل فيصل نصير کي عهدي تان هٽايو وڃي يا بدلي ڪئي وڃي“هن اهو به چيو ته هو انهن خلاف قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي ٿو پر ائين نه پيو ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پاڪستاني فوج پنهنجي آفيسر جي بچاءُ ۾ آڏو آئي آهي ۽ فوج جي تعلقات عامه جي ڊائريڪٽوريٽ يعني آءِ ايس پي آر هڪ بيان جاري ڪيو آهي.ان بيان ۾ عمران خان جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي انهن کي”بي بنياد ۽ غير ذميواراڻو، بلاجواز ۽ ناقابل قبول“ قرار ڏنو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ”پاڪستاني حڪومت کان ان معاملي جي تحقيقات جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ اداري تي بي بنياد الزامن سان ان کي بدنام ڪرڻ خلاف  قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي“.

ميجر جنرل فيصل نصير ڪير آهي؟فوجي آفيسر فيصل نصير کي تازو ئي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ هوآگسٽ ۾ پاڪستان جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ڪائونٽر انٽيليجنس يا سي آءِ بيورو هڪ الڳ ڊائريڪٽوريٽ آهي جنهن هيٺ سياسي ونگ سميت ٻيا به ڪيترائي شعبا آهن. آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پڻ بطور  ميجر جنرل هن ئي عهدي تي رهيو هو.ميجر جنرل فيصل نصير پاڪ فوج جي پنجاب رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي هو،ڪور آف ملٽري انٽيليجنس م هليو ويو،جنهن بعد هن جو ڪيريئر انٽيليجنس اسائنمنٽس تائين رهيو.

اهو ئي سبب آهي ته هن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات موجود ناهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هو وڳوڙي علائقن ۾ مقرر رهيو آهي ۽ اهم انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جو حصو رهيو آهي. هن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران انتهائي گهربل دهشتگردن کي گرفتار يا ڪيفر ڪردار تائين پهچايو.بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي موجب ميجر جنرل فيصل نصير کي فوجي حلقن ۾ ”سپر جاسوس“ طور سڃاتو وڃي ٿو“هن وڌيڪ ٻڌايو ته ميجر جنرل فيصل کي مذهب ۽ قومپرستي جي نالي تي ٿيندڙ پرتشدد واقعن جي معاملن تي مڪمل عبور آهي. ۽ انهن معاملن تي مون ڏٺو آهي ته هو هڪ انتهائي پيشه ور انداز ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪا هڪ انٽيليجنس ايجنسي جي خاصيت آهي

ان سوال تي ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته ميجر جنرل فيصل نصير، سياستدانن ۽ صحافين خلاف ڪاررواين ۾ ملوث هو، جنهن تي سينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته انٽيليجنس آپريٽر جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هو هر شخص کي ان جي مطابق ڊيل ڪري ٿو. سياسي ماڻهن کي سياسي انداز ۾ ۽ دهشتگردن کي انهن جي انداز ۾. جڏهن هو بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مقرر هو ته ڪنهن به سياستدان کي هن کان ڪا به پريشاني نه هئي. بلوچستان ۾ سندس تازي مقرري دوران اتي 65 ايم پي ايز هئا، پر ڪنهن به اهو نه چيو ته هن ڪنهن سان غلط انداز ۾ پيش آيو.ڇا هي سياسي پارٽين پاران تڪراري بڻايل پهريون انٽيليجنس آفيسر آهي ؟ ان سوال جو جواب نفي ۾آهي.

ميجر جنرل فيصل نصير، اهو پهريون ’ڊي جي سي‘ ناهي، جنهن جو ذڪر سياستدانن جي زبانن تي ۽ ميڊيا رپورٽن ۾ ملي ٿو،هن کان اڳ موجوده ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو بار بار سامهون آيو جڏهن هو ڊي جي سي هو.ايستائين جو فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت وچ ۾ ٿيل معاهدي جي دستاويز تي به فيض حميد ٽياڪڙي طور دستخط ڪيو ۽ معاملو عدالت ۾ پهتو ته هر طرف سندس نالو ٻڌڻ ۾ آيو.بعد ۾ فيض حميد به آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز سميت مسلم ليگ ن جي قيادت بار بار جنرل فيض حميد جو نالو ورتو ۽ مٿس ’سياسي انجنيئرنگ‘ جا الزام هنيا.مٿس اهو به الزام هو ته مسلم ليگ ن جي عهديدارن ۽ اڳواڻن کي نوازشريف جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون. اهي ساڳيا ئي الزام آهن، جيڪي اڄ عمران خان موجوده ڊي جي سي تي لڳائي رهيو آهي.

آءِ ايس آءِ ۾ انٽرنل ونگ يا سياسي ونگ ڇا آهي؟آءِ ايس آءِ جي ”سياسي ونگ“ ذوالفقار علي ڀٽي قائم ڪئي هئي ، پر ان وقت سرڪاري يا رسمي طور تي آءِ ايس آءِ ۾ ڪا به سياسي ونگ موجود نه هئي.پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ جي سربراهن تي ايجنسين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جا الزام سامهون ايندا رهيا آهن. مثال طور صدر جنرل ايوب ان ايجنسي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ،جڏهن ته جنرل يحيٰ ان وقت اوڀر پاڪستان ۾ مخالف سياسي پارٽين جي نگراني لاءِ آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪيو.

پر هي ’سياسي ونگ‘ رسمي يا سرڪاري طور تي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ISI جو حصو بڻي.مٿس الزام آهي ته هن پنهنجي سياسي مخالفن کي ان ونگ ذريعي نشانو بڻايو. هاڻي اهي ذميواريون جيڪي ان وقت  ’پوليٽيڪل ونگ‘ جون هيون سي ،آءِ ايس آءِ جي انٽرنل ونگ جون آهن.جيڪي ملڪ جي اندورني سيڪيورٽي سميت  ٻين مامرن جي نگراني ڪري ٿي ۽ ان بابت معلومات گڏ ڪري ٿي.ياد رهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڳجهي ايجنسي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ۽ ڪيترائي نوان ونگز ان جو حصو بڻيا.آءِ ايس آءِ جي اسٽرڪچر بابت ڊاڪٽر هين ايڇ ڪيسلنگ پنهنجي ڪتاب ”دي آءِ ايس آءِ آف پاڪستان .فيٿ.يونٽي،ڊسپلين“ ۾ لکي ٿو ته اداري جون ست ڊائريڪٽوريٽس آهن انهن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي ونگز آهن،

سڀ کان وڏو ڊائريڪٽوريٽ جوائنٽ انٽيليجنس بيورو (JIB) آهي جڏهن ته ٻيو وڏو ڊائريڪٽريٽ جوائنٽ ڪائونٽر انٽيليجنس بيورو (JICB) آهي. جوائنٽ انٽيليجنس بيورو جو سربراهه هڪ ڊپٽي ڊي جي آهي، جنهن جي هيٺان پنج ڊائريڪٽرز آهن انهن جي ذمي سياسي جماعتون،دهشتگرد روڪ، وي آءِ پي سيڪيورٽي، شاگردن ۽ ليبر جهڙا شعباآهن.اهڙي طرح جوائنٽ ڪائونٽر انٽيليجنس جو سربراهه ڊپٽي ڊي جي (ايڪسٽرنل) هوندو آهي ۽ هن ڊائريڪٽوريٽ جي ذميوارين ۾ پرڏيهي شهرين ۽ سفارتڪارن جي نگراني، خود آءِ ايس آءِ اهلڪارن جي نگراني به جڏهن ته سياسي سرگرمين تي نظر رکڻ شامل آهي.

بهرحال، ISI جو هٿ ٺوڪيو ’سياسي ونگ‘ مختلف وقتن  تي تڪراري رهيو آهي ۽ ان تي ’سياسي انجنيئرنگ‘ جا الزام لڳندا رهيا آهن.جيتوڻيڪ ان جو بنيادي ڪم سياسي سرگرمين ۽ اڳواڻن تي نظر رکڻ آهي،پر مختلف حلقن جو اهو الزام آهي ته اهڙو ڪردار مشڪوڪ ۽ مبهم آهي.ماضي ۾هن ونگ کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون به ڪيون ويون هيون، نومبر 2008 ۾ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ISI جي ‘سياسي ونگ’ کي ختم ڪيو پيو وڃي  ۽ ان جون ذميواريون هاڻي آءِ بي نڀائيندي. ان ڳالهه جو اعلان ان وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪيو هو پر ٻئي ڏينهن هڪ مقامي اخبار ڪنهن سينيئر آفيسر جو نالو ظاهر ڪرڻ بنا چيو ته هو ته ونگ جو ڪم بند ڪيو ويو آهي پر ونگ مڪمل طور تي ختم ناهي ڪئي وئي.

جنهن بعد وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به ان ونگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر جنرل ڪياني جي دور ۾ به سياسي ونگ آءِ ايس آءِ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو.بعد ۾ 2012 ۾، ان وقت جي بچاءَ واري وزير چوڌري احمد مختار تصديق ڪئي ته ”آءِ ايس آءِ ۾ هڪ سياسي ونگ هميشه موجود آهي ۽ اڃا به ڪم ڪري رهي آهي.

ڊرٽي هيري ڇا آهي؟عمران خان جيڪو لقب اڄڪلهه آءِ ايس آءِ جي هڪ سينيئر آفيسر لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي اهو دراصل هڪ فڪشنل ڪردار آهي جيڪو مشهور هالي ووڊ فلم جيڪا 1971 ۾ جاري ٿي هئي، اهو ڪردار مشهور اداڪار ڪلنٽ ايسٽووڊ ادا ڪيو هو.فلم ۾ ڪلنٽ ايسٽووڊ هيرالڊ فرانسس ڪالهان نالي هڪ انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کي سندس ساٿي ڊرٽي هيري سڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته هر پيچيده ڪيس جنهن ۾ قانوني رستو اختيار ڪرڻ ممڪن نه هوندو هو، انسپيڪٽر ڪالهان جي ذمي ڪيو ويندو هو.هو خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ بدران قتل ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو قائل هو. هو هن فلم ۾ هڪ سيريل ڪلر کي مارڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا قانون ٽوڙي ٿو.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.