عمران تي لڳندڙ گولين جي جاچ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو ذاتي حيثيت ۾ مطالبو ڪري ٿو ته عمران خان کي لڳندڙ گولين جي جاچ لاءِ عالمي ڊاڪٽرن تي مشتمل يا وفاقي سطح تي ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن ٻڌايو ويو ته عمران خان کي هڪ گولي لڳي آهي، ٻئي ڏينهن چيو ويو ته ٻه گوليون لڳيون آهن. ڪالهه عمران خان پاڻ چيو ته کيس چار گوليون لڳيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته عمران خان کي 4 گوليون لڳيون، پر هو ڪنٽينر مان نڪرندي هٿ لوڏيندو رهيو. ان وقت سندس هڪ ٽنگ تي پٽي لڳل ھئي،  پر ڪالهه عمران خان جي ٻنهي ٽنگن تي پلستر لڳل هو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن سوال اٿاريو ته زخمي عمران خان کي 19 ڪلوميٽر پري گجرات جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بدران 150 ڪلوميٽر پري شوڪت خانم اسپتال ڇو آندو ويو، ڇا ڪنهن ٻئي زخمي کي ڪينسر اسپتال پهچايو ويندو آهي؟شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ڪنهن کان ڳجهي ناهي. پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪجهه عنصر سوچي سمجهي سازش ڪري رهيا آهن ۽ قوم کي پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن خلاف گمراهه ڪرڻ جي سازشون ڪري رهيا آهن. اهي ملڪ ۾ جھيڙو ۽ رتوڇاڻ ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ئي عمران خان تي حملي جي خبر پهتي ته پ پ پ جي قيادت حملي جي مذمت ڪئي. الله تعاليٰ سڀني جي جان ۽ مال جي حفاظت فرمائي، پر جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن تيئن شڪ ۽  شبا وڌندا پيا وڃن. ڏسڻو اهو پوندو  ته ڪنهن به  واقعي جو فائدو وٺندڙ ڪير آهن. هن چيو ته ملڪ جي مشهور صحافي ارشد شريف کي شهيد ڪيو ويو. ان واقعي کان هڪ پارٽي پي ٽي آءِ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ۽ تقريرن ۾ ادارن خلاف نفرت انگيز مهم شروع ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.