نوشهري فيروز واسي کنڀيل رستم شر جي آزادي لاءِ پڊعيدن ۾ جسقم جو ڌرڻو

پڊعيدن ( ن ع آ) ضلعي نوشھروفيروز جو جسقم اڳواڻ رستم شر کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر مرتضا شر اياز ڪورائي علي رضا خاصخيلي صوفي خالد چناوارثن جي اڳواڻي  ۾ پڊعيدن نصرت ڪئنال پل تي ڌرڻو  اڳواڻ جو چوڻ آھي ته جيستائين قومي ڪارڪن ضلعي نوشھروفيروز جو اڳواڻ رستم شر کي آزاد نٿو ڪيو وڃي ايستائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو ڌرڻو ڪيترائي  ڪلاڪ جاري رهيو ڌرڻي سبب پڊعيدن کان نوشھروفيروز روڊ ۽ ڦل لئنڪ روڊ بند مسافرن ۽ گاڏين جون لائنو لڳي ويون آھن، قومي ڪارڪنن ۽ پڊعيدن پوليس ۾ ڳالهيون ڪامياب اگر 8ڏينهن ۾ اسان جي قومي ڪارڪن رستم شر کي آزاد نه ڪيو ويو ته نوشھروفيروز پريس ڪلب اڳيان وڏو  ڌرڻو هنيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.