پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 47 ارب رپين کان وڌيڪ آمدني

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ پيٽروليم ليوي مان حاصل آمدني ۾ چڱي ڀلي واڌ ٿي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ پيٽروليم ليوي مان حاصل آمدني ۾ واڌ ٿي ۽ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 47 ارب رپين کان وڌيڪ وصولي ٿي.

ناڻي واري وزارت موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پهرين ٽن مهينن ۾ پيٽروليم ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني 34 ارب وڌيڪ رهي، گذريل مالي سال ان ئي عرصي ۾ پيٽروليم ليوي مان 13 ارب 34 ڪروڙ حاصل ٿيا هئا.

اختيارين موجب پيٽروليم شين تي 50 رپيا ليٽر ليوي جي وصولي آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ شامل آهي ۽ موجوده مالي سال پيٽروليم شين تي ڊولپمينٽ ليوي مان 855 ارب حاصل ڪرڻ جو هدف آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.