عمران خان کان ملڪ کي خطرو آهي: بچاءَ وارو وزير

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي خواهشن جي ڪا حد ناهي، هي آئين کي هر هر پائمال ڪري رهيو آهي، سندس ذات کان ملڪ کي خطرو آهي.

سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته ادارن جا نالا وٺڻ بند ڪريو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي، جيڪا حڪومت نڀائيندي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان سوڌو اڳوڻي وزيرن خلاف به ڪارروائي ٿيندي، وزيرآباد واقعي جي اڄ به مذمت ڪريون ٿا پر ان قسم جي واقعن ۾ ميڊيڪل هوندو آهي، پوسٽ مارٽم هوندو آهي، واقعي واري هنڌ کي سيل ڪيو ويندو آهي.

خواجا آصف جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي اسپتال مان مرضي جو سرٽيفڪيٽ ورتو، پهريون اطلاع پير تي گولي لڳي، هاڻ ٻئي ٽنگون ٻڌل آهن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪو ماڻهو مارجي ويو، ان کي پسٽل جي گولي ناهي لڳي، اتي ٻيا به هٿيار موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.