ڪراچي پوليس جي آفيسر ۽ سپاهي جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا اچي ويا، ٻئي پريشان!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس جو آفيسر ۽ سپاهي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا اچڻ تي پريشان ٿي ويا.

بهادرآباد پوليس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر عامر انور گوپانگ جي اڪائونٽ ۾ 10 ڪروڙ، جڏهن ته ون فائيو مددگار جي سپاهي علي رضا جي اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ رپين جي وڏي رقم اچي وئي.

ٻئي اهلڪار ايڏي وڏي رقم جي پنهنجي اڪائونٽ ۾ موجودگي تي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ بئنڪ کي شڪايت ڪين، جنهن تي بئنڪ سندن اڪائونٽ فريز ڪري ڇڏاي.

پوليس موجب انسپيڪٽر عامر گوپانگ ان حوالي سان ايف آءِ اي ۽ اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شڪايت ڪندڙ پوليس آفيسر جي اڪائونٽ مان رقم واپس ٿي وئي آهي پر رقم جي منتقلي ۽ واپسي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.