ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

آرٽلري ميدان ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ انعم خان، آنند پرڪاش، امير يعقوب، صحافي زلف پيرزادي جي ڌي ورثا پيرزادو به نامزد آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ 30 کان 35 اڻچاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن ڦوهارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ۽ ملڪي سلامتي ادارن خلاف نعريبازي ۽ ماڻهن کي اڪسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هوڏانهن شاگردن جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو جمهوري حق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.