پاڪستاني ٽيم وڏا ايونٽ ڪيئن کٽي سگهندي؟ هرشا ڀوگلي طريقو ٻڌائي ڇڏيو

سڊني ( ويب ڊيسڪ) مشهور صحافي ۽ ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي پاڪستاني ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ واپسي تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي هرشا ڀوگلي جي هڪ شو ۾ ڳالهه ٻول واري وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏکڻ آفريڪا بابت ڳالهائيندي هرشا ڀوگلي چيو ته منهنجي خيال ۾ اوهان جڏهن پاڪستان کي ڪنهن به ايونٽ جي فيورٽ ٽيم چوندئو ته اها هارائي ويندي، پر جڏهن به اوهان چوندو ته هي جلد آئوٽ ٿيندڙ ٽيم آهي ان وٽ واپسي جو ڪو موقعو ناهي  ته هو واپسي ڪري ڏيکاريندي آهي ۽ ٻڌائيندي اها آهي ڪرڪيٽ .

ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم ايونٽ جي ناقابل شڪست ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 33 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.