ڀارتي ٽيم جي سليڪشن رڪي پونٽنگ جي سمجهه کان ٻاهر، ڪيئي سوالَ اُٿاري ڇڏيائين

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان ۽ رانديگرن رڪي پونٽنگ ڀارتي ٽيم جي سليڪشن تي سوال اُٿاري ڇڏيا.

آسٽريليا ۾ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي رڪي پونٽنگ چيو ته کيس ريشڀ پنت جي نه کيڏڻ تي حيراني آهي، پهرين ڳالهه اها آهي ته ريشڀ پنت هڪ ميچ ونر آهي ٻي ڳالهه ته هو ليفٽ هينڊ بيٽر آهي جنهن جي مڊل آرڊر ۾ ضرورت آهي.

اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته ٽيم ۾ ٻن اسپنرز جي موجودگي سبب ريشڀ پنت کي کيڏائڻ لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيا آهن، ڀارت به اڄڪلهه آسٽريليا جيان آهي جنهن کي اها خبر ناهي ته انهن جي بهترين ٽيم ڪهڙي آهي ڇاڪاڻ ته شايد هو نٿا ڄاڻين ته کين آسٽريليا ۾ ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.

رڪي پونٽنگ وڌيڪ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت سيمي فائنل ۾ پهتو ته ڀارتي ٽيم طرفان ريشڀ کي کيڏائڻ جو امڪان آهي، کيس آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ۽ وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏيندي ڏسي چڪا آهيون،ٿي سگهي ٿو ته ريشڀ پنت کي ٽورنامينٽ جي وڏين ميچن لاءِ کيڏايو وڃي .

واضح رهي ته ريشڀ پنت ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي هينئر تائين ڪائي ميچ ناهي کيڏي، سندس جاءِ تي ٽيم ۾ دنيش ڪارتڪ کيڏي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.