منهنجون ۽ زال جون ذاتي وڊيوز ٺاهي اڻڄاتل نمبر تان موڪليون ويون: اعظم سواتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجون زال سان گڏ ذاتي وڊيوز اڻڄاتل نمبر تان موڪليون ويون.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم سواتي روئي ڏنو، هن چيو ته زال سان گڏ ذاتي وڊيوز اڻڄاتل نمبر تان موڪليون ويون، ڌيءَ چيو ته هيءَ وڊيو تڏهن جي آهي، تڏهن توهان ڪوئيٽا ويا هئا.

سندس چوڻ هو ته سوچيو هڪ ڌيءَ جڏهن پنهنجي پيءَ کي چئي ته هيءَ وڊيو توهان جي ۽ امي جي آهي ته سوچيو ان پيءَ تي ڇا گذرندي؟

اعظم سواتي چيو ته جيڪي حيوان ان ڪم تي لڳل آهن، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن شخص جي ڪا ڪرپشن يا غير اخلاقي شئي نٿي ملي ته زال سان گڏ وڊيو ٿا ٺاهي ڇڏين.

پي ٽي آءِ سينيٽر چيو ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آ جو وڊيو سامهون آندي وئي، زال ۽ مڙس جو تقدس پامال ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ کي چوان ٿو ته ڪڏهن انصاف ملندو؟

هن چيو مان آپگهات ته نٿو ڪري سگهان پر هن ملڪ ۾ رهي ظلم جو مقابلو ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.