سنڌ پوليس کي گهربل 7 خطرناڪ ڏوهارين جي سِرَ جي قيمت مقرر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل سميت پوليس کي گهربل 7 خطرناڪ ڏوهارين جي گرفتاري تي 5 ڪروڙ 10 لک رپين جي هيڊ مني مقرر ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل بشير بروهي ڄاڻايل جوابدارن، انهن تي داخل ڪيسن ۽ هيڊ مني جا تفصيل جاري ڪيا آهن.

ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدار غلام ياسين ڀيو 52 ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن جي سِر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر آهي، جوابدار ڪاشف ابڙو 41 ڪيسن ۾ ملوث آهي ۽ ان جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي ٻڌايو ته جوابدار اڪبر علي ڀيو 22 ڪيسن ۾ ملوث آهي، سندس سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، 22 ڪيسن ۾ ملوث نذير ڀيو جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مجاهد جمالي ميراڻي عرف ڪمانڊو 21 ڪيسن ۾ ملوث آهي ۽ ان جي سر جي قيمت 50 لک مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ محمد خان ملاح 14 ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن جي سر جي قيمت 30 لک رپيا، ممتاز ڀيو 13 ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن جي سر جي قيمت 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.