ڀارت ۽ اسرائيل جو ڪردار، شرجيل ميمڻ وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ڊرامو ڪري رهيو آهي ۽ اها سموري سوچيل سمجهيل سازش آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پهريان چيو ويو ته عمران خان کي هڪ گولي لڳي پوءِ 2 ٿي ويون پوءِ چيو پيو وڃي ته کيس چار گوليون لڳيون ڇا عمران خان ڪو سپر مين يا آئرن مين آهي؟

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ته هن سموري فلم جي پٺيان ڀارت ۽ اسرائيل آهن، ڇو ته اوهان ڏٺو ته ڀارت عمران خان کي ڪهڙي ريت هيرو بڻائي پيش ڪيو.

شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته عالمي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ جوڙي شرجيل ميمڻ جو طبي معائنو ڪرائجي ته خبر پئجي ويندي ۽ حقيقتون عوام سامهون رکيون وڃن.

هن اهو به مطالبو ڪيو ته معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهي جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.