غيراخلاقي حرڪتون، چئن اداڪارائن تي پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو کاتي چئن اداڪارائن تي پنجاب ۾ پرفارم ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اهي اداڪارائون ٻن مهينن تائين پنجاب جي ڪنهن به ٿيٽر هال ۾ پرفارم نه ڪري سگهنديون.

گهرو کاتي اداڪارا هني شهزادي، مسڪان خان، شيزا بٽ ۽ صنم خان تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

مٿين چئن اداڪارن خلاف غير اخلاقي پرفارمنس جون شڪايتون مليون هيون.

شڪايت کانپوءِ انڪوائري ڪئي وئي ۽ گهرو کاتي 4 فنڪارن کي سڄي پنجاب ۾ ٿيٽر ڊرامن ۾ پرفارم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.