عمران تي ٿيل قاتلاڻو حملو ۽ اسهپ جو مسئلو

انور ساجدي

وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران جڏهن تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پنهنجي ڪنٽينر تي بيٺو هو ته اوچتوفائرنگ ٿي، جنهن ۾ پير ۾ گولي لڳڻ سان هو زخمي ٿي ويو.موقعي تي موجود نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو،جنهن پنهنجي اعترافي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو ته هن اهوڪم انڪري ڪيو آهي جو عمران ماڻهن کي گمراه ڪري رهيو هو،هن ٻڌايو ته هو عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي پيو پر ناڪام ٿي ويو. هن جو واحد هدف عمران خان هو،هو ڪنهن ٻئي کي مارڻ نه پئي چاهيو،عمران خان جي قافلي تي حملي کانپوءِ مبينه حملي ڪندڙ جو اهو ابتدائي بيان آهي.هن جي بقول اهو سندس انفرادي فعل آهي ۽ هن جي پٺيان ٻيو ڪو به نه آهي،ملزم چيو آهي ته جنهن ڏينهن کان عمران خان لاهور کان نڪتو هو هن حملي جي رٿابندي ڪئي هئي،ملزم وزيرآباد جو رهاڪو آهي،پوليس جڏهن وڌيڪ جاچ ڪندي ته عمران خان تي حملي جي محرڪن جو پتو پوندو،اهو به معلوم ٿي ويندو ته اهو ڪنهن منظم سازش جو نتيجوآهي، ان جي پٺيان سياسي سبب ۽ عوامل آهن،آيا اها سياسي مخالفن جي ڪوشش آهي يا هڪ جذباتي خبطي هواس واري نوجوان جو انفرادي عمل آهي،افسوس جو مقام آهي جو واقعي جي تهه تائين پهچڻ کان اڳ ئي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ان جو الزام وزيراعظم ،هڪ اداري جي ذميدار ۽ وزيرداخلا ۽ حڪومت تي مڙهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي هن نازڪ موقعي تي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ گهرجي،عمران خان جي زخمي ٿيڻ بعد ملڪي فضا انتهائي جذباتي ٿي وئي آهي،ان موقعي تي جيڪڏهن ڪا غيرذميداري ڪئي وئي ته ملڪ ۾ بدامني جي باه ڀڙڪي سگهي ٿي.اڳي ئي جڏهن عمران خان حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي،سياسي فضا ڪافي ڪدورت ڀريل آهي، ماحول ايترو ڇڪتاڻ وارو ۽ جذباتي آهي جو حالتون ڪهڙو به منفي رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون،ان واقعي مان سياسي اڳواڻن ۽ ليڊرز کي سبق سکڻ گهرجي،ڇاڪاڻ جو گذريل ڪجهه سالن ۾ سياسي روايتن کان هٽي ڪري جيڪا زبان عام اجتماع،ريلين ۽ جلسن ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي،ان رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،جنهن زهريلي ڪلچر جو ٻج ڇٽيو ويو آهي،اهو بندوق جي نالين مان نڪري ڪري سامهون اچي رهيو آهي،جڏهن ته سياست هڪ سنجيده باوقار ۽ عوام  کي سٺي تعليم ڏيڻ جو نالو آهي.

اطمينان جي ڳالهه آهي ته عمران خان قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويو آهي جيتوڻيڪ سندس ڃنگهه ۾ گولي لڳي آهي،بهرحال هو خطري کان ٻاهر آهي،الله نه ڪري پر جيڪڏهن عمران خان کي ڪجهه ٿي پئي ها ته ملڪ تمام وڏي بحران ۾ ڦاسي وڃي ها،هر طرف ڀڃ ڊاهه، باهين ۽ افراتفري جا منظر هجن ها،جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ٿي پئي سگهيو.الله عمران خان کي صحت ڪامل عطا ڪري،پر کيس ياد رکڻ گهرجي ته 2014 کان هو جيڪا زبان استعمال رهيو آهي،سياسي مخالفن کي جنهن توهين واري لهجي ۾ مخاطب ڪري رهيو آهي،ان جي ڪري پاڪستاني سماج  انتهائي زهريلو ۽ ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي،هو پنهنجن سمورن سياسي ۽ غيرسياسي مخالفن کي،اڙي اوئي فلاڻو چئي ڪري مخاطب ڪري ٿو.گذريل 18 سالن ۾ هن جنهن ڪلچر جو ٻج ڇٽيو آهي،ان جو نتجيو اجهو سامهون آهي.تحريڪ انصاف جا نوجوان ۽ جذباتي ڪارڪن عمران خان جي ئي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن،ايتري تائين جو تازي لانگ مارچ جي دوران هڪ شخص کي ڊمي مولانا فضل الرحمان ٺاهي ڪري عوام جي سامهون پيش ڪيو ويو ۽ مولانا جي ذات تي چٿر ڪئي وئي.

تحريڪ انصاف جي جيڪا سوشل ميڊيا جي فوج آهي ان جي زبان ان جو بيان دشمني وارو ۽ ڪافي حد تائين اڻ وڻندڙ آهي،اهي ماڻهون ڀلجي ٿا وڃن ته عمران خان جا لکين چاهيندڙ آهن ته سياسي مخالفن جي حامين جو تعداد پڻ بي شمار آهي،جيڪڏهن روزانو انهن کي ذلت جو نشانو بڻايو ويندو آهي ته آخر سڀني جي برداشت جواب ڏئي ويندي ۽ ان جو نتيجو رتوڇاڻ جي صورت ۾ سامهون ايندو.توقع ڪرڻ گهرجي ته عمران خان صحتيابي کان پوءِ پنهنجو طور طريقو تبديل ڪندو.پنهنجي مطالبن جي لاءِ پرامن طريقو اختيار ڪندو ۽سياست ۾ وڌيڪ زهر داخل ڪرڻ کان پاسو ڪندو،اهڙي طرح هن جا جيڪي سياسي مخالف آهن انهن جو به فرض آهي ته گولي جو جواب گولي ۽ گارين جو جواب گارين سان نه ڏين بلڪه مثبت رويو اختيار ڪن.هي جيڪا فلم مولا جٽ جي ڀڙڪ بازي آهي،اهو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو.

عمران خان تي حملي بعد مسلم ليگ جي سپريم ليڊر ميان نوازشريف، ميان شهبازشريف ۽ ٻين اڳواڻن ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ هن جي جلد تندرست ٿيڻ جي دعا ڪئي آهي.اها هڪ سٺي روايت آهي ان کي اڳيان وڌائڻ گهرجي،ان سان گڏ ئي ڪيترن ئي سوالن جا جواب گهربل آهن،مثال طور اهو واقعو پنجاب جي هڪ ڳتيل آبادي واري شهر جي اندر ڏينهن ڏٺي جو ٿيو آهي،پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي آهي،مارچ جي شروعات کان اڳ ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو هو ته لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي.بلڪه پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ فيصل واوڊا هڪ پريس ڪانفرنس ۾ واضح طور تي چيو هو ته لانگ مارچ خوني مارچ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو،ان جي باوجود پنجاب حڪومت، عمران خان ۽ انهن جي ساٿين جي سيڪيورٽي جو فول پروف انتظام نه ڪيو،نه ئي لانگ مارچ کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي،جيڪڏهن هن سانحي جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو ويو ته پنجاب پوليس جو سربراه،چيف سيڪريٽري۽ ٻين ذميدارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي،ان سان گڏ ئي جيڪو ملزم پڪڙيو ويو آهي،ان جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي،حادثي کي فوري طور تي سيل ڪرڻ گهرجي ها ۽ ڪارتوسن جا خول تحويل ۾ وٺڻ گهرجن ها،افسوس جومقام آهي جو ان سلسلي ۾ پوليس ۽ لاڳاپيل انتظاميا ڪوتاهي کان ڪم ورتو.

تحريڪ انصاف جي قيادت کي گهرجي ته جيڪڏهن اهو سياسي دشمنن جو ڪم نه آهي ته ان مان سياسي فائدي حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪري،دنيا جي سياسي ڏاهپ ۾ سياسي چرپڻن جا بي شمار قسم آهن،انهن مان گهڻا ئي هڪ ٻئي سان ملندا جلندا آهن،جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو هو ته عجيب غريب حرڪتون ڪندو هو،ميڊيا هن جو خاص هدف هو،اڪثر پريس ڪانفرنسن ۾ صحافين سان هن جي لڙائي ٿيندي رهندي هئي،هو آمريڪا جي ٻن وڏن ميڊيا هائوسز جي سخت خلاف هو،هڪ سي اين اين ٻيو نيويارڪ ٽائمز.هر ڀيري پنهنجي پريس سيڪريٽري کي چوندو هو ته منهنجي ناپسنديده صحافين کي ڇو گهرائي ويهاريو ويو آهي،هن هڪ ڀيري نيويارڪ ٽائمز جي نمائندي کي چيو ته اوهان جي لاءِ اها ڳالهه شرم جوڳي هئڻ گهرجي جو اوهان رسوا ڪندڙ اخبار نيويارڪ ٽائمز جي نمائندا آهيو،سي اين اين جي لاءِ هن چيو هو ته اهو ادارو منهنجي خلاف فيڪ نيوز هلائڻ جي لاءِ کوليو ويو آهي،ڊونالڊ ٽرمپ جي يادگيري ڏکڻ آمريڪا جي سڀ کان وڏي ملڪ برازيل جي تازي چونڊن ۾ شڪست کائيندڙ اميدار بولسو  نارو ڏياري،سڀني کي ياد هوندو ته ٽرمپ کي جڏهن جوبائيڊن شڪست ڏني ته هن شڪست تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هن جي حامين ڪيپيٽل هل تي ڪاهه ڪئي،ٽرمپ خود وائيٽ هائوس جو صدارتي دفتر خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو.پر اختيارين موقعي تي پهچي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ وائٽ هائوس عملي کي هدايت ڪئي ته ٽرمپ کي سهولت نه ڏني وڃي،بعد ۾ کيس چيو ويو ته نئون صدر اچڻ وارو آهي توهان هليا وڃو ان ۾ ئي ڀلائي آهي.

اهڙو ئي هن جوپوئلڳ برازيل جو رجعت پسند ۽ ضدي انسان بولسو نارو آهي،پر جڏهن چونڊيل صدر لولا اقتدار سنڀالي ورتو ته سندس مخالف پنهنجي حامين کي ڪال ڏني،ملڪ جي ستر شهرن ۾سندس حامي فوجي بيرڪن سامهون مظاهرو ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهي اچي اقتدار سنڀالين.

هتي پاڪستان ۾ پڻ ساڳيو رويو موجود آهي،بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾اهو رويو آهي،خاص ڪري ٽين دنيا جي غيرجمهوري حڪمرانن ۾ نتيجن کي قبول نه ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.برازيل جي سياسي ڌرين جي ڇڪتاڻ سان ان جي اقتصادي ترقي رڪجي ويندي،

هتي مڃڻ جي ڳالهه هي آهي ته هندوستان انهن ٿورن ملڪن ۾ شامل آهي جتي چونڊ نتيجن کي وڏي دل سان قبولي هڪ جمهوري رويو اختيار ڪيو ويندو آهي.هندوستان ۾ مودي جهڙو تعصب رکندڙ اڳواڻ ڪافي وقت کان مسلط آهي،پر ڪانگريس سميت سياسي مخالفن جمهوري رويو اختيار ڪيو آهي،ڪاش اهڙو رويو پاڪستان ۾ پڻ هجي.جتي هارائيندڙ جماعت شڪست تسليم ڪرڻ جو حوصلو نٿي رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.