عمران حملو ڪيس، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ آفيسر جاج ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) انٽر سروسز انٽيلي جنس ۽ ملٽري انٽيلي جنس جا آفيسر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جي معاملي ۾ ٺهيل گڏيل جاچ ٽيم جو حصو نه هوندا. سريڪاري ذريعن موجب ڳجهن ادارن جي نمائندن گهرو وزارت ۽ پنجاب جي گهرو آفيس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري عملدارن کي آگاهي ڏني وئي ته جاچ ۾ شامل نه ٿينداسين ته جيئن ڪير آڱر نه کڻي. سرڪاري عملدارن آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ طرفان مليل پيغام جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته انٽيليجنس ادارا پاڻ کي ڪنهن تڪرار کان بچائڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.