اڳوڻو نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر  دوست محمد مزاري جو ڏاڏو ۽ اڳوڻو نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري 94 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.خانداني ذريعن موجب اڳوڻو نگران وزيراعظم گهڻي وقت جي علالت  سبب لاهور ۾ علاج هيٺ هو، بلخ شير مزاري  تمن مزاريءَ جو چيف به هو. بلخ شير مزاري 8 جولاءِ 1928ع تي پيدا ٿيو، هو 1993ع تي نگران وزيراعظم بڻيو ۽ 26  مئي 1993ع تي نگران وزيراعظم جي عهدي تان سبڪدوش ٿيو.بلخ شير مزاري تمن مزاري جو 22 هون چيف تمن هو.هن 1951ع ۾ سياسي سفر شروع ڪيو، بلخ شير مزااري ڪيترائي ڀيرا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر به رهيو.خانداني ذريعن موجب اڳوڻي نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري جي تدفين اڄ اباڻي ڳوٺ ۾ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.