مڪاني چونڊون معاملو:آءِ جي پوليس ۽ ڊي رينجرز کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چوندون نه ڪرائڻ واري فيصلي خلاف تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذارن جي وڪيلن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ٽيون دفعو مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون آهن.عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته سڪيورٽي سبب چوندون ملتوي ڪيون ويون آهن، 9 نومبر تي چئن سياسي جماعتن ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پ پ ۽ تحريڪ انصاف کي اليڪشن ڪميشن اجلاس ۾ گهرايو آهي. جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته سنڌ پوليس وٽ مڪاني چونڊن لاءِ پوليس نه آهي پر لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ روڪڻ لاءِ پوليس آهي.تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته ڪيترائي اميدوار فوت ٿي ويا آهن.اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي چوڻ تي چونڊون ملتوي ڪيون آهن. وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي رينجرز کان 10 نومبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.