اعجاز چوڌري ۽ چٺا کي حملي جي خبر هئي ته انتظام ڇو نه ڪيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير کان حملي جي ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي سگهي. معظم  نواز جي قتل جي ايف آءِ آر به پنجاب حڪومت گول ڪري وئي آهي. هن چيو ته پي تي آءِ فائرنگ واقعي جي جاچ کان وڌيڪ سياست تي ڌيان ڏئي رهي آهي. مرتضيٰ وهاب موجب جوابدار جا بيان پنجاب جي ٿاڻن مان رليز ٿي رهيا آهن ۽ پرويز الاهي کي خبر ناهي. هن چيو ته اعجاز چوڌري ۽ احمد چٺا کي جيڪڏهن حملي جي خبر هئي ته حفاظتي انتظام ڇو نه ڪيا ويا، سياست کي نفرت سان گدلو ڪرڻ جا ڪڏهن به سٺا نتيجا نه نڪرندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.