جيڪب آباد ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ نُنهن ۽ ناٺيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد(رپورٽ:سڪندر سرڪي) جيڪب آباد ويجهو  جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ نُنهن ۽ ناٺي کي ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميران بخش ۾ جوابدار عطر مرهٽو ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ناٺي طالب حسين مرھٽو ۽ پنهنجي نُنهن ڪزبانو زال شهباز کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. اسپتال ۾ موجود مقتول طالب حسين جي ڀاءُ واحد بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ کي سهري عطر خان جيڪو اسان جو چاچو به ٿئي، هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي هن  پنهنجي ننهن ۽ منهنجي ڀاءُ کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار عطر ڪارنهن تھمت مڙهي پنهنجي ناٺي ۽ ڀائيٽي طالب حسين پنهنجي نُنهن ۽ ڀائٽي ڪزبانو کي ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد بندوق هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن صدر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار عطر خان، جوابدار شهباز ۽ جوابدار شاهد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.