سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر به احتجاج ۾ شريڪ

ڪراچي : سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر به احتجاج ۾ شريڪ ٿيا. ان سلسلي ۾ راجا اظهر چيو ته اسان جو پلان بي اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته  سي ۽ ڊي منصوبن جو به جلد اعلان ڪيو ويندو . ان کان اڳ پي ٽي آءِ ڪراچي جي ڪارڪنن ڪراچي ميٽرو پول ڏانهن مارچ  ڪيو.مارچ ۾ بلال غفار، راجا اظهر، رياض حيدر سميت ڪيترائي ڪارڪن موجود ها.

ڪراچي:منشيات ڪيس ۾ جوابدار جي عمر قيد سزا  برقرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منشيات رکڻ جي ڏوهه هيٺ جوابدار شاهنواز جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.عدالت جوابدار جي سزا کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جوابدار کي ايف سي 2015ع ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪيو هو، ماتحت عدالت جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.