صدين کان آباد ڌرتي ڌڻين تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا: هاري ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهھ پروفيسر مير منور ٽالپر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جي سيڪريٽري  ڪامريڊ اقبال ھڪ بيان ذريعي سپر ھاء وي، DHA سٽي اهلڪارن جي طرفان عبدالرحمان ڇٽي ڳوٺ جي زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن تي ڪيل حملي جي خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته نااهل، ڪرپٽ ۽ عوام توڙي سنڌ دشمن حڪمرانن، طاقتور رياستي ادارن ۽ DHA انتظاميھ جي ملي ڀڳت سان جهڙي طرح صدين ۽ سالن کان آباد ڳوٺاڻن کي زبردستي، طاقت، تشدد ۽ دٻاء ذريعي بيدخل ڪري هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، اهو سنڌ کي ڪالوني سمجهي، اصل ديس واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي.  هنن اڳواڻن، ڳوٺاڻن سان يڪجهتي ۽ ساٿ ڏيڻ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت، وفاقي سرڪار ۽ رياستي ادارا مهينن کان سيلاب ۽ هٿرادو مڙهيل عذاب جي متاثر لکين خاندان جي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين بنيادي حق ڏيئي مڪمل طرح بحال ڪرڻ جي ذميواري پوري ڪرڻ جي بدران، ٻين ڳوٺاڻن کي بي گھر ڪري زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.  مير منور ۽ ڪامريڊ اقبال، سڀني واسطيدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اھڙين حرڪتن کان باز رهن ۽ سنڌ جي سرزمين تي قبضن ڪرڻ جو سلسلو بند ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.