ڪنڌ ڪوٽ ۾ رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ ٻي ڏينهن به بُک هڙتال

ڪنڌڪوٽ (ڊر) ڪنڌڪوٽ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن  يارعلي بلوچ، علي حسن قمبراڻي، قاضي اعجاز احمد، يار علي بلوچ، سيد سردار علي شاھ، ڊاڪٽر  ساوڻ سھرياڻي ۽ ٻين چيو ته ھيلٿ وارا 24 ڪلاڪ رسڪ ۾ آھن، سيلاب متاثر علائقن ۾ اسان جو اسٽاف ڪيمپون قائم ڪري متاثرين جو علاج ڪري ٿو، ان جي باوجود اسان جو الائونس هڙپ ڪيو پيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رسڪ الائونس بحال ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

  • سکر  ۾ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل جو احتجاج

سکر (رپورٽر ) ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي داخل ڪيس ۽ رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيش سکر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سکر پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سول اسپتال جي ينگ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران اسپتال جي احاطي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعلي اختيارين کان فوري طور تي ڪيس ختم ڪرڻ ۽ الائونس ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو تہ مطالبن جي پوري نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.