شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾تصويرن جو نماءُ، شاگردن جي شرڪت

نوابشاھ (ڊ ر) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پنھنجين نصابين سرگرمين جي سلسلي ۾ اڄ ڪلھه جي دور ۾ انگريزي ٻولي جي اھميت ۽ چئلينجن  کي منهن ڏيڻ لا۽ سندن نصابي عنوانن موجب تصويرن جو نماءُ ڪيو ويو.ھن نصابي سرگرمي پوسٽر پريزنٽيشن جو مقصد شاگردن ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اھميت کي سمجھڻ، ٻولي کي مختلف تناظر ۾ استعمال، شاگردن جي اعتماد کي بھتر ڪرڻ ھو. شاگردن جي حوصلا افزائي لا۽ يونيورسٽي جا ڊين ۽ مختلف شعبن جا چيئرمين پڻ ھن نصابي سرگرمي ۾ شرڪت ڪئي. ميزبان ۽ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر تانيا لغاري ۽ سندس فيڪلٽي ميمبرن الطاف جکر، فھيم الدين شيخ ۽ ٻين طرفان شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ويچار ونڊيندي چيو تہ اھڙين نصابي سرگرمين سان شاگردن جو اعتماد بحال ٿئي ٿو. اھي ھن پوسٽر پريزنٽيشن ذريعي پنھنجي ووڪيبلري وڌائي سگهن ٿا ۽ لفظن جي اچارن کي بھتر نموني ادا ڪري سگهجي ٿو. اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا استاد آھن، مستقبل ۾ کين ھڪ بھترين ليڊر ٿيڻو آھي. اميد ڪري سگھجي ٿي تہ ماضي جيان مستقبل ۾ بہ شھيد بينظير ڀٽويونيورسٽي جا شاگرد پاڻ کي مڃائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.