سياست ۾ اختلاف هوندا آهن، پر رت نٿو وهائي سگهجي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) سياست ۾ اختلاف رکڻ جي ھميشه گنجائش ھوندي آھي ۽ اھڙي طرح عمران خان جي سياست ۽ سندس حڪمت عملين سان  اختلاف رکي سگهجن ٿا ۽ ساڻس هزارين اختلاف به آهن پر سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي رت سان وهنجارڻ جي پاڪستان جو عوام ڪڏھن به اجازت نه ڏيندو، پاڪستان جو ھر پرامن شھري ھر ان قوت کي جيڪو ان ۾ شامل آھي، ان کي جمھوريت دشمن، ملڪ دشمن سمجھي ٿو. پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياسي اڳواڻن کي  1948ع، 1951، 1979 ۽ 2007ع  ۾ قتل ڪري سياست جي ميدان مان ھٽايو ويو. جنھن جو پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پھتو. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيز لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، حورالنساء پليجو ۽ عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو اهي ته عالمي سامراج آمريڪا پاڪستان جي اندر غير جمھوري حڪمرانن کان عوام دشمن ڪم ڪرائي، پاڪستان کي دائمي نقصان پھچائي، ڪم ڪڍي عالمي سامراج آمريڪا ملڪ اندر سندن منشين ۽ ڪمدارن جي مدد سان کين مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ھٽائيندو  رھيو آھي  ۽ ضرورت پوڻ تي کين قتل ۾ دير  نه ڪندو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.