ميرپورخاص ۾ صحافين جو اجلاس، يونين آف جرنلسٽ جي قيام تي اتفاق

ميرپورخاص)بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڊويزن جي صحافين جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽس  قائم ڪرڻ لاءِ اتفاق ٿيو. يونين آف جرنلسٽس جي قيام جي سلسلي ۾ ڊويزن جي ٽن ضلعن ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي صحافين جو ھڪ گڏيل اجلاس ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئھ پرڪاش موراڻي، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، اقبال ملاح سميت ميرپورخاص ڊويزن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اتفاق راءِ سان ڊويزن جي 7 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ ميرپورخاص ضلعي مان شاھد ضلعي مان لجپت مالھي ۽ ممتاز آريسر کي آرگنائيزر طور چونڊيو ويو.

  • خيرپور ۾ رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف ملازمن جو 18 ڏينهن به احتجاج

خيرپور( ڊ ر )گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف پاران 18ھين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج مظاهرو ڪري پنهنجي مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي عبدالحڪيم جاگيراڻي، قادر بخش پيرزادو، امتياز ابڙو، صداقت علي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي جي ملازمن سان ڳالھيون ڪري ڦري وئي آهي. سي ايم سنڌ جي حڪمن تي سيڪريٽري ھيلٿ گرانڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته رسڪ الائونس سميت ٻيا مطالبا جلد منظور ڪيا ويندا پر افسوس جي ڳالهه آهي جو ھو صحت کاتي جي ملازمن سان ڪيل ڳالھين کان ڦري ويا آهن. ھنن چيو ته اسان جي احتجاج کي 18 ڏينهن گذرڻ باوجود اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا آهن. جيستائين اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو ۽ اگر اسان جا مطالبا جلد منظور نه ڪيا ويا ته ڪم جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  • ور اسپتال جي ملازمن پاران ٽئين ڏينهن به احتجاج

گھوڙاٻاري (ن ع آ) رورل هيلٿ سينٽر ور ۾ ڪالهه ٽي ڏينهن به صحت کاتي جي ملازمن ۽ پيراميڊيڪل عملي مطالبن جي مڃتا  لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري اوپي ڊي جو باءِ ڪاٽ ڪري ڇڏيو تفصيل موجب گھوڙاٻاري تعلقي جو مين صحت مرڪز ور شهر ۾ صحت کاتي جي ملازمن ۽ پيرا ميڊيڪل عملو اڄ ٽي ڏينهن تي به گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي سراپا احتجاج بڻيل حڪومت خلاف سخت نعريبازي جينا ھوگا مرنا ھوگا ڌرنا ھوگا ڌرنا ھوگا؛؛ جا نعره ھڻي مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ڪري فورن رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري کين ٽائم اسڪيل ۽ سروس اسٽريچر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي مظاھري جي اڳواڻي سينئر ضلعي نائب صدر عبدالغني شورو، انفارميشن سيڪريٽري گل حسن ڪنڀار، بشير بٽ، عبدالله خواجه، ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته پري پري کان آيل مريضن جو علاج نه ٿيو جن کي مايوس ٿي پرائيويٽ اسپتالن جو رخ ڪرڻو پيو ھوڏانھن صحت کاتي جي ملازمن جو چوڻ ھو ته جيستائين اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.