ميھڙ ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 13 ڄڻا زخمي

ميھڙ ( س ر )  ميھڙ جي حاصل کوسو لڳ علي شاهه ڪالوني ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھٽي جي لنگھ تان جھيڙو ٿي پيو ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون  لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين م ھڪ ڌر جا سڄڻ کوسو ، دلاور ، گلزار, روشن، نويد، ذوالفقار، احمد، راشد ۽ 8 ورھين جو اسد کوسو شامل آھن ۽ ٻي ڌر جا عبدالحميد کوسو ۽ سندس پٽ امتياز کوسو زخمي ٿي پيا آھن جھيڙي دوران علائقو ميدان جنگ بڻيل رھيو جھيڙي جي اطلاع باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھچي سگھي ۽ تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ ايمبولنس به موجود نه ھجڻ ڪري زخمين کي رڪشن تي کڻي اچي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو جتي 7 ڄڻن کي نازڪ حالت ھجڻ سبب پرائيويٽ گاڏين وسيلي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.