سنڌ ۾ عورتون مختلف ظلمن جو شڪار رهيون آهن: زينت سمون

حيدرآباد( پ ر)  سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون کي حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ لونگ چنڊ ۾ آجياڻو ڏنو ويو ويو جنهن ۾ ھڪ سو کان مٿي عورتن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي قيادت تي اعتماد مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو نئون يونٽ کوليو جنهن ۾ صدر حميده چنڊ  جرنل سيڪيٽري  سلمان چنڊ نائب صدر، شھربانو چنڊ سينئير  نائب صدر، شرين چنڊ ۽ ممبرن ۾ ڪزبانو چنڊ، نصرت چنڊ، ثمينا چنڊ، اِمام زادي گوپانگ، عزيزه گوپانگ، نانو ڪولھي،ھير چانڊيو کي چونڊيو ويو آجياڻي کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عورتون مختلف ظلمن جو شڪار ٿينديون رهيون آهن هن سماج ۾ عورت کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نه ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلھ جي جديد دور ۾ غلاميءَ واري زندگي گذاري ٿي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، اسان جي سماج جي بيحسي ايتري آ جو عورت رڳو گهر ۽ ماني پچائڻ تائين محدود ٿي رهي آهي، ڇا عورت جو مقدر  رڳو ڌڪا کائڻ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.