حيدرآباد ۾ معصوم نينگر گٽر ۾ ڪري زخمي ٿيڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد( پ ر )  قومي عوامي تحريڪ قاسم آباد پاران قاسم آباد جي علائقي ڳوٺ سنجرمير بحر ۾ کليل گٽر ۾ معصوم ٻالڪ عرفان ابڙو  جي ڪري مرڻينگ ٿيڻ واري واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رفيق احمداڻي،غلام نبي سومرو معشوق چانڊيو، بابو ميمڻ، نذير بليدي، عباس پٺاڻ ۽  دلدار ابڙو جي اڳواڻي ۾ پڪوڙا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايچ ڊي اي واسا ۽ قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي رفيق احمداڻي چيو تہ قاسم ۾ ايچ ڊي اي واسا ۽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي ويا آھن. ايڪسين واسا شوڪت شيخ ۽ ميونسپل ڪميٽي جا عملدار ڪوڙن بلن جي نالي ۾ ڪروڙين روپين جو سموري بجيٽ ھڙپ ڪري وڃن ٿا. قاسم آباد جون گھٽيون ۽ رستا ڪچري جو ڍير آھن. گٽرن کي ڍڪڻ ناھن، جنھن ڪري ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ سنجر ملاح  ۾ پورھيت برڪت ابڙو جو معصوم پٽ عرفان ابڙو کليل گٽر ۾ ڪري پيو، جنھن نازڪ حالت ۾ ٻاھر ڪڍي اسپتال پھچايو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.