تنوير سروهي جا قاتل گرفتار ڪيو، ايس ايس پي خيرپور اڳيان ڌرڻو

خيرپور( س ر)  بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش سروهي ۾ به مهينا اڳ قتل ٿي ويل تنوير حسين سروهي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سروهي  برادري جي ماڻهون جو ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  مظاهري جي اڳواڻي مظفر حسين ` محمد عظيم ` سيد احمد ´ ظهران خاتون ` ڪشميران خاتون ` طارق علي ´ دودو خان سروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا  مظاهرين چيو ته جوابدارن انور علي ´ سڪندر ` ابراهيم ´ الله وڌايو اسان جي نوجوان کي ٻه مهينا اڳ ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو هو ´ جڏهن ته ڪارنهن الزام جو اسان معازو 15 لک ۽ 5 جريب زرعي زمين ڏني هئي پر تنهن هوندي به اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي ` هنن چيو ته بهارو ٿاڻي جي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بنجي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي ` اسين آء جي سنڌ ´ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ٿه ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.