ڀريا روڊ ۾ پنجاب واسي نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت

نوابشاهه(ڊ ر) ڀريا روڊ ۾ ٽرين تي چڙھڻ دوران 22 سالن جو نوجوان ڊيرا غازي خان جو رھواسي سڪندر علي ھيٺيان اچي شديد زخمي ٿي  پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آھي جڏھن ته نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.