شهدادڪوٽ ۾ اي سي جو سول اسپتال جو دورو، حاضري چڪاس

شھدادڪوٽ (رپورٽ:  ثمر رفيق ڀٽي) اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ عبدالقادر مشوري تعلقي اسپتال جو دورو ڪري ڊاڪٽرن جي حاضري چيڪ ڪئي، ۽ ان سان گڏ جنرل وارڊ ۾ وڃي ملندڙ مفت دوائن بابت مريضن کان پڻ معلومات ورتي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اسپتال جي سموري عملي کي چيو ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ھر وقت مريضن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ عملي جو فرض آهي، اسپتال جي دوري بعد اسسٽنٽ ڪمشنر شھر جي مختلف پاڙن ۾ صفائي سٿرائي جو به جائزو ورتو ۽ گڏو گڏ مختلف دوڪانن تي وڃي اگھن واري لسٽ جو پڻ جائزو ورتو. ان حوالي سان عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڪاموري کان وٺي خاص و عام ماڻهو به جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ذميواري سان ادا ڪري ته مسئلا ئي پيدا نه ٿيندا، ھن چيو ته عوامي آواز ھميشھ ماڻهن جي بنيادي مسئلن سميت ٿيندڙ انساني اھنجن جي نشاندهي ڪري صحافتي فرض ادا ڪندي پئي اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.