اوٻاوڙي ۾ روڊ حادثي سبب عورت فوت، ٻه نوجوان زخمي، اسپتال منتقل

اوٻاوڙي ۾ روڊ حادثي سبب عورت فوت ۽ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا آهن.

قومي شاهراهه تي مقامي پمپ وٽ تيز رفتار ٽرالر جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو.

حادثي جي نتيجي ۾موٽرسائيڪل تي ويٺل عورت وزيران ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته نوجوان اسد ۽ حفيظ منگي سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس حادثي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش ۽ زخمي نوجوانن کي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن حادثي کانپوءِ ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته حادثي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.