آفيس اچڻ جي ضرورت ناهي، ٽوئيٽر جي سرڪلر تي قانوني ڪارروائي

ملازمن کي وڏي پيماني تي نيڪالي ڪندڙ ٽوئيٽر جي خلاف ڪيس ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ايلون مسڪ پاران ٽوئيٽر جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ ملازمن کي نيڪال ڪرڻ جون رپورٽس اچي رهيون هيون جيڪو عمل 4 نومبر کان شروع ٿي چڪو هو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽوئيٽر جي ملازمن سان فرانسسڪو جي فيڊرل ڪورٽ ۾ ڪمپني خلاف ڪيس ڪيو آهي.

ان ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪي قانون تڻت 100 يا ان کان وڌيڪ ملازم رکندڙ ڪمپني وڏي پيماني تي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ کان اڳ سٺ ڏينهن جو نوٽيس ڏيڻ ضروري آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني پنجاهه سيڪڙو ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ واري آهي.

ڪمپني پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ آفيسون عارضي طور تي بند ڪيون وينديون.

ڪيس ۾ عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته ٽوئيٽر قانون تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ ملازمن کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو وڃي.

ملازمن جو ڪيس شينن ليس ريارڊن ورتو آهي جيڪا ان کان اڳ ٽيسلا جي ملازمن جي برطرفي جو ڪيس وڙهي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.