مصر جي پابندي پيل تنظيم جو سربراهه لاڏاڻو ڪري ويو

قائرا(ويب ڊيسڪ) مصر جي پابنديپيل تنظيم اخوان مسلمون جو سربراهه ابراهيم منير پنجاسي ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

ابراهيم منير مصر ۾ اڻويهه سئو پنجاهه ۽ اڻويهه سئو سٺ جي ڏهاڪن ۾ گرفتار ٿيو هو، هو گذريل چاليهه سالن کان مٿي عرصو جلاوطني ۾ گذاري رهيو هو.

اخوان مسلمون ٻه هزار ٻارنهن ۾ مصر جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.

پر هڪ سال کانپوءِ فوج اخوان مسلمون جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو. تنظيم جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ هزارين ڪارڪنن يا ته جيلن ۾ آهن يا وري مصر ڇڏي چڪا آهن.

مصر جي صدر عبدالفتح السيسي تازو ئي ٿيندڙ سياسي ڳالهين ۾ اخوان مسلمون جي شرڪت جو اشارو ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.