عمران خان حملو ڪيس، گرفتار جوابدار کي ڇا تي ڪاوڙ آئي؟ سندس گهرواري ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نويد جي گهرواري کان پوليس جي جاچ جاري آهي.

جوابدار نويد جي گهرواري پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن مڙس کيس ڌونڪل ۾ قائم اسپتال وٺي ويو هو.

سندس چوڻ هو ته موٽر سائيڪل تي اسان پي ٽي آءِ جي آجياڻي ڪئمپ جي ويجهو کان گذرياسين ته آجياڻي ڪئمپ ۾ وڏي آواز ۾ موسيقي هلائڻ تي مڙس کي ڪاوڙ آئي هئي.

جوابدار جي گهرواري چيو ته نويد گهٻرائيندي موسيقي وڄائڻ وارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 13 ڄڻا زخمي ۽ هڪ شخص مارجي ويو هو.

عمران خان ۽ فيصل جاويد لاهور جي شوڪت خانم اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جڏهن ته ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.