مهانگي موٽرسائيڪل بنا وياج جي قسطن وٺڻ چاهيندا؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ سوزوڪي موٽر ڪمپني پاران نئين موٽرسائيڪل GSX 125 متعارف ڪرائي وئي ته ان جو اگهه ٻڌي ماڻهو پريشان ٿي ويا.

ڪمپني پاران هن 125 سي سي موٽرسائيڪل جو اگهه 359000 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاڻي ڪمپني اها موٽرسائيڪل بنا وياج جي قسطن ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ماڻهو GSX 125 موٽرسائيڪل حاصل ڪري سگهن ٿا جن کي 35 سيڪڙو ڊائون پئمينٽ ادا ڪرڻي پوندي.

ان کانپوءِ 23 مهينن لاءِ 10500 رپيا ماهوار قسط ادا ڪرڻي پوندي

جڏهن ته آخري قسط 9 هزار 800 رپين جي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.