عمران خان تي حملو پلانٽڊ لڳي ٿو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو اهو جوابدار ئي نٿو لڳي: حامد خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ مشهور قانوندان حامد خان چيو آهي ته عمران خان تي حملي جي الزام هيٺ جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ته اهو جوابدار لڳي ئي نٿو .

لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻول ڪندي حامد خان چيو ته عمران خان تي حملو افسوس جوڳي ڳالهه آهي، الله ڪرم ڪيو ته بچت ٿي وئي پر جنهن به ڪيو يا ڪرايو آهي ڏاڍي افسوس واري ڳالهه آهي.

هن چيو ته جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهو جوابدار ئي نٿو لڳي، مون کي ته هي حملو پلانٽڊ لڳي ٿو، پردي پٺيان ڪجهه ٻيو آهي، جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تنهنڪري جاچ ۾ اصل حقيقتون سامهون اينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.