لاهور هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيندڙ 11 ججن حلف کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيندڙ يارنهن ججن حلف کڻي ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي مستقل ٿيندڙ ججن کان حلف ورتو.

جسٽس شڪيل احمد، جسٽس صفدر سليم شاهد، جسٽس احمد نديم ارشد، جسٽس محمد طارق نديم، جسٽس محمد امجد رفيق ۽ جسٽس عابد حسين چٺا پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.

انکانسواءِ حلف کڻڻ وارن ۾ جسٽس انوار، حسين، جسٽس علي ضياباجوا، جسٽس سلطان تنوير احمد، جسٽس محمد رضا قريشي ۽ جسٽس راحيل ڪامران پڻ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.