امن امان جي خراب صورتحال، اسلام آباد اتنظاميا وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت امن امان جي امڪاني خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ سب جيل قائم ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي چيف ڪمشنر طرفان سب جيل جو نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جيڪا جيل کاتي واري قانون تحت قائم ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب انڊسٽريل ايريا سي آءِ اي بلڊنگ کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ صورتحال خراب ٿيڻ تي گرفتار ڪيل ماڻهن کي اتي رکيو ويندو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد سب جيل ۾ قيدين ۽ عمارت جي سيڪيورٽي جي ذميواري اسلام آباد پوليس جي هوندي جڏهن ته جيل ۾ موجود قيدين جو رڪارڊ 17 هين گريڊ جي پوليس وٽ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.