عمران خان تي قاتلاڻو حملو، پي ٽي آءِ ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

لاهور  (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي سبب اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ ملڪ جي سمورن شهرن ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو.

اسد عمر چيو ته جيستائين عمران خان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويندا، ملڪ گير احتجاج جاري رهندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 13 ڄڻا زخمي ۽ هڪ شخص مارجي ويو هو.

عمران خان ۽ فيصل جاويد لاهور جي شوڪت خانم اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جڏهن ته ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.