پي ڊي ايم سربراهه پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو

ڊي آءِ خان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ  هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي، ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو به ناهن، جيڪي اڌ رستي مان واپس موٽي ويندا.

ڊي آءِ خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چو چوڻ هو ته مان پنهنجي حڪومت کي چوان ٿو ته، ڪنهن به قسم جي مفاهمت نه ٿيندي، ڪا به فيس سيونگ نه ڏني ويندي، هي لانگ مارچ نه رانگ مارچ آهي، لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي.

عمران خان تي تنقيد ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو چوي ٿو ته اوهان چوڪيدار آهيو، اسان اوهان کي ڪهڙي شيءِ جي پگهار ڏيون ٿا، اسان پڇون ٿا ته تون انهن کي پيرين ڇو پوندو آهين،  جيڪڏهن مرضي جو آرمي چيف مقرر نه ٿيو ته مارشل لا لڳائڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته پي ٽي آءِ وارا هٿياربند ٿيڻ جون ڳاليون ڪري رهيو آهن ، پي ٽي آءِ هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، اڳوڻي حڪومت ۾ ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو هيو.

هن مطالبو ڪيو ته صحافڻ صدف نعيم واري واقعي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، ارشد شريف پاڪستان جو پٽ آهي، انهن جي به انڪوائري ٿيڻ گهرجي، ڪنهن کيس ملڪ کان ٻاهر اماڻيو، محمود خان کان پڇاڳاڇا ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.