صدر ٽن سالن لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جا اٺ ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ٽن سالن لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جا اٺ ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

نوٽيفڪيشن موجب ميمبرن ۾ ڊاڪٽر راغب نعيمي، ملڪ الله بخش ڪليار، صاحبزده پير خالد سلطان القادري ۽ ظفر اقبال چوڌري شامل آهن.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جسٽس رٽائرڊ سلطان ابراهيم قريشي، ڊاڪٽر عبدالغفور راشد، محمد جلال الدين ۽ فريده رحيم پڻ ڪائونسل جي ميمبرن ۾ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.