زور به ڏيندو آهي ته ماني به پچائيندو آهي، اداڪارا پنهنجي مڙس جا ڳڻ ڳائڻ لڳي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ واري اداڪارا مهربانو شادي جي ٽين هفتي بعد مڙس لاءِ جذباتي پوسٽ رکندي ٻڌايو ته سندس جيون ساٿي نه رڳو هن جا پير دٻائيندو آهي پر هن لاءِ نيرانو ۽ رات جو کاڌو به پچائيندو آهي.

ان کان اڳ اداڪارا هلندڙ سال فيبروري ۾ پروڊيوسر شاهه رخ علي سان خاموشي ۾ مڱڻي ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي مڱڻي بابت باضابطا اعلان ناهي ڪيو.

شادي جون تصويرون وائرل ٿيڻ جي ٽن هفتن کانپوءِ گذريل هفتي 27 آڪٽوبر تي مهربانو شادي ڪرڻ جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ شادي جون تصويرون شيئر ڪيون.

تازو هن پهريون ڀيرو مڙس لاءِ جذباتي پوسٽ رکندي انڪشاف ڪيو ته ٻنهي ۾ ڪيترائي سال دوستي هئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mehar Bano (@meharbano)

هن لکيو ته شاهه رخ علي هن جو اهڙو دوست هو جيڪو سندس گهڻو خيال رکندو هو، جڏهن هوءَ ساڻس گڏ هوندي هئي ته محفوظ محسوس ڪندي هئي پر هوءَ نه ڄاڻيندي هئي ته ٻنهي ۾ محبت به ٿي سگهي ٿي.

اداڪارا چيو ته هڪ مڙس جي حيثيت سان هو سندس اڳڪٿين کان به بهتر ثابت ٿيو، هو نيرانو ٺاهڻ سان گڏوگڏ رات جي ماني به تيار ڪندو آهي.

مهربانو لکيو ته جڏهن هوءَ ٿڪجي پوندي آهي ته مڙس هن جا پير دٻائيندو آهي ۽ جڏهن پريشان هوندي آهي ته سندس لاءِ مشڪرو بڻجي ويندو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته شادي تاحيات تعلق آهي جنهن ۾ جهيڙا ۽ مصيبتون گهٽ اهميت رکندا آهن. هن لکيو ته گهڻو ڪري جهيڙا ۽ مسئلا اهو سمجهائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن ته شادي لاءِ درست چونڊ ڪئي آهي.

اداڪارا مهربانو لکيو ته عورتن کي شآدي ۽ ان بعد ٿيڻ وارن مسئلن کان ڊڄڻ نه گهرجي، اهو پيارو عمل آهي، هو پاڻ کي مسئلن تائين محدود نه رکن.

سندس پوسٽ تي مشهور شوبز شخصيتن نيڪ خواهشن ۽ دعائن جواظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.