مون کي نه ڳولجو: شهدادپور ۾ بکايل چور اسڪول جي بليڪ بورڊ تي درد ڪٿا لکي ويو !

شهدادپور (ويب ڊيسڪ) شهدادپور ۾ هڪ چور اسڪول مان چوري ڪرڻ کانپوءِ بليڪ بورڊ تي پنهنجي درد ڪٿا به لکي ويو آهي.

ابدال نگر پاڙي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان سامان اڻڄاتل چور چوري ڪري ويا.

مبينا ٻوڏ متاثر چور ڪلاس جي بليڪ بورڊ تي اهو لکيو ته مان غريب آهيان ان لاءِ هي ڪم ڪيو آهي، چئن پنجن ڏينهن کان گهر ۾ راشن ناهي ۽ نه ئي ڪير ڏيڻ آيو آهي، مون کي نه ڳولجو، ڇو ته مان بکايل آهيان.

مجبوري آ: شھدادپور ۾ چور

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.