” عمران خان سنڌ اچي، گدو اسپتال ۾ علاج جي مفت سهولت آهي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل چيو آهي ته عمران خان تڪڙو سنڌ اچي، سنڌ ۾ گِدو اسپتال آهي اتي مفت علاج جي گارنٽي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ قادر پٽيل عمران کي مخاطب ڪندي چيو ته تون ته سنڌ کي صوبي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي ڪهڙو منهن کڻي سنڌ ايندي.

قادر پٽيل چيو ته آصف زرداري عمران خان کي وزيراعظم هائوس مان نيڪالي ڏئي کيس ٽرڪ تي بيهاري ڇڏيو آهي، عمران خان جي سياسي مستقبل جو فيصلو آصف زرداري ئي ڪندو.

واضح رهي ته گدو مينٽل اسپتال حيدرآباد ۾ قائم آهي جنهن کي هاڻي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪائٽري جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.