جڊيشل ڪميشن پاران عامر فاروق کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جڊيشل ڪميشن جسٽس عامر فاروق کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سنيئير ترين جج آهي ۽ هاڻوڪي چيف جسٽس اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.